پي ٽي آءِ جي احتجاج مان پڪڙيل افغانين جي سڃاڻپ سامهون آڻڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ جي احتجاج مان پڪڙيل افغان شهرين جي سڃاڻپ جلد سامهون آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته 9 مئي هجي يا 24 نومبر جو احتجاج ناڪام ٿيو، پي ٽي آءِ 5 ڀيرا احتجاج جو سڏ ڏئي چڪي پر هر ڀيري ناڪام ٿي.
هن چيو ته علي امين گنڊاپور تي ڪارڪنن تنقيد ڪئي، ڪارڪنن سندس گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي، چيو ويو ته بشريٰ بي بي جو سياست سان واسطو ناهي پر ڪالهه مڙس جي آزادي لاءِ ضد ڪري رهي هئي، پوءِ رات جو احتجاج مان فرار ٿي.
سندس چوڻ هو ته احتجاج دوران پنجاب پوليس جي 22 گاڏين کي نقصان پهتو، پڪڙيل افغان شهرين جو رڪارڊ جلد سامهون اچي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.