پي ٽي آءِ خلاف آپريشن” عمران خان جي آزاديءَ تائين ڌرڻو هڻڻ وارا بلٽ پروف گاڏين ۾ فرار ٿي ويا“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران اِهو تاثر ڏنو ويو ته رياست ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ احتجاج ڪندڙ ڪامياب ٿي ويا آهن.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائنيدي طلال چوڌري دعويٰ ڪئي ته پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادتن باوجود حڪومت صبر جو مظاهرو ڪندي اسلام آباد خالي ڪرائي ورتو آهي.
هن اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي ۽ تحريڪ انصاف جي قيادت تي الزام لڳائيندي چيو ته جيڪي عمران خان جي آزاديءَ تائين ڌرڻي جون دعوائون ڪري رهيا هئا، پنهنجي ڪارڪنن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اڪيلو ڇڏي بلٽ پروف گاڏين ۾ فرار ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.