اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ شرپسندن خلاف آپريشن کانپوءِ شهر جي مختلف رستن تان ڪنٽينر هٽائڻ ۽ صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان الله ميمڻ موجب، ضلعي انتظاميا کي اسلام آباد جي رستن تان رڪاوٽون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي علائقن ۾ موجود ڪنٽينرن کي هٽائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
ڊپٽي ڪمشنر موجب، سمورا وسيلا ڪتب آڻي فوري طور تي رستا کوليا پيا وڃن، ڪوشش آهي ته جلد کان جلد شهرين لاءِ رستا کوکليا وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي، شهر جي صفائي سٿرائي جا انتظام به فوري طور تي يقيني بڻائن.
ٻئي طرف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان پي ٽي آءِ جي شرپسندن خلاف مختلف هنڌن تي ڪارروائيون ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار ٿيلن ۾ ڪي پي ڪي جا سرڪاري ملازم ۽ پوليس اهلڪار به شامل هئا، جن وٽان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل، هٿيار، پٿر ۽ ٻيون شيون هٿ آيون.
ذريعن موجب، راولپنڊي مان 4 سئو، پٿر ڳڙهه مان 410، چڪوال مان 44، مري مان 3 ۽ ميانوالي مان 8 شرپسندن کي گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي تشدد سبب رينجرز ۽ پوليس جا ڪيترائي اهلڪار پڻ سخت زخمي ٿي پيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي احتجاج دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شيلنگ سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ جون ڪوڙيون ۽ من گهڙت خبرون هلايون پيون وڃن، جن ۾ ڪا به صداقت ناهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل رات پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن دوران ڪنهن به قسم جي هٿيارن جو استعمال ناهي ڪيو ويو.
You might also like