”ڌرڻو هڪ تحريڪ آهي جيڪا عمران خان جي ڪال تائين جاري رهندي“ گنڊاپور جو واضح اعلان

مانسهرا (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ڌرڻو هڪ تحريڪ آهي جيڪا جاري آهي ۽ عمران خان جي ڪال تائين جاري رهندي.
مانسهرا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ احتجاج لاءِ پُرامن سڏ ڏنو، هو پنهنجي جائز حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، سندن پارٽي سان جبر ڪيو ويو.
هن چيو ته کين پي ٽي آءِ باني ڊي چوڪ وڃڻ جي اجازت ڏني، عمران خان چيو ته جڏهن هو چوندو تڏهن ڌرڻو ختم ٿيندو، تنهنڪري اِها ڳالهه ياد رکو ڌرڻو اڃا جاري آهي، اِهو ڌرڻو عمران جي اختيار ۾ آهي.
علي امين گنڊاپور الزام لڳائيندي چيو ته اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي تي گوليون هلايون ويون، سوين ڪارڪن شهيد ٿيا، سوين ورڪرن کي گوليون لڳيون آهن، هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته سندن ڌرڻو هڪ تحريڪ آهي جيڪا جاري آهي، عمران خان جي ڪال تائين ڌرڻو جاري رهندو.
علي امين گنڊاپور چيو ته اڍائي ورهين کان سندن پارٽي کي ظلم ۽ جبر جو نشانو بڻايو پيو وڃي، عدالتن مان انصاف ناهي ملي رهيو، اسان جو ليڊر جيل ۾ آهي، سندن گهرواري کي جيل ۾ وڌو ويو.
سندس چوڻ هو ته مٿس 9 مئي جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن، ڪو هڪ وڊيو ڏيکاريو جتي هو هجي، ملڪ جي وڏي وزير کي انصاف نه ملي سگهي ته عام ماڻهوءَ جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ قوم تي گوليون وسائي غلام نه ٿو بڻائي سگهجي، هي صوبو پنهنجو حق ۽ مينڊيٽ وٺڻ ڄاڻي ٿو.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير احتجاج ۾ شامل پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي کي ڀيٽا پيش ڪندي ڪارڪنن تي تشدد جي ايف آءِ آر پنهنجي فرياد ۾ داخل ڪرائڻ ۽ شهيد ورڪرز جي پونئرن لاءِ معاوضي جو اعلان ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.