اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پي ٽي آءِ جي شرپسندن خلاف گرينڊ آپريشن تي چيو آهي ته اها فائنل ڪال نه مس ڪال هئي، سياسي ناڪامي پي ٽي آءِ جو مقدر بڻي آهي.
اسلام آباد جي ڊيموڪريسي ( ڊي ) چوڪ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ دعويٰ ڪئي ته ” اطلاع آهن ته بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور مونال واري سائيڊ کان ڀڄي ويا آهن. “
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بليو ايريا واري علائقي کي احتجاجين کان خالي ڪرايو ويو آهي، گهرو وزير جيان سڌ سماءُ واري به ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي وصاحت نه ڪئي، پر هن دعويٰ ڪئي ته هيءَ سندن ڪاميابي آهي، امن موٽي آيو آهي، رستا کلي ويا آهن.
You might also like