ڪوهلي، انوشڪا کي آسٽريليا ڪيئن وٺي ويو؟ روي شاستري پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر، هيڊ ڪوچ ۽ ڪامينٽيٽر روي شاستري ويجهڙائي ۾ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ۽ سندس گهرواري اداڪارا انوشڪا بابت هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي روي شاستريءَ، ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما سان جُڙيل اٽڪل ڏهه سال پراڻو قصو ٻڌايو.
هن چيو ته 2015ع ۾ جڏهن هو ڀارتي ٽيم جو ڪوچ تڏهن انوشڪا ۽ ويرات هڪٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا هئا، ويرات وٽس آيو ۽ چيو ڇا دوري تي رڳو گهروارين کي آڻڻ جي اجازت آهي؟ گرل فرينڊ نٿي اچي سگهي؟
روي شاستري ٻڌايو ” مان اجازت ڏني ته ڪوهلي چيو ته بورڊ اجازت نٿو ڏئي، جنهن ته مان لاڳاپيل اختيارين کي فون ڪئي ۽ اجازت ملي وئي، پوءِ ان دوري دوران انوشڪا اسان سان گڏ هئي.“
هن چيو ته آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ئي ڪوهليءَ 160 رنسون ٺاهيون جنهن کانپوءِ اِهو ئي ٿيو، اسٽينڊ ۾ ويٺل انوشڪا کي ويرات فلائنگ ڪِس ڏني،جيڪو عمل هاڻي هو اڪثر ميچن ۾ ورجائيندو آهي.
اڳوڻي هيڊ ڪوچ چيو ته ” انوشڪا سدائين ويرات جي سڀ کان وڏي سپورٽر رهي آهي.“
واضح رهي ته ويجهڙائي ۾ بارڊ – گواسڪر ٽرافي جي پهرين ٽيسٽ ۾ ويرات ڪوهلي آسٽريليا خلاف زبردست سينچري اسڪور ڪندي پنهنجو رٺل فارم بحال ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.