شهيد رينجرز اهلڪارن جي جنازي نماز ادا، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي شرڪت

راولپنڊي (م ڊ) رينجرز جي ٽن شهيدن جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وزيراعظم، آرمي چيف ۽ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب 47 ورهين جي شهيد نائيڪ محمد رمضان، 29 سالن جي شهيد سپاهي گلفام خان ۽ 33 سالن جي شهيد سپاهي شاهه نواز جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، ڊپٽي وزيراعظم، گهرو وزير، اطلاعات واري وزير، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سميت اعليٰ فوجي ۽ سول عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي  وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڪنهن به سياسي مفاد لاءِ ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ برداشت نٿو ڪري سگهي، هي پرتشدد واقعا ناقابلِ قبول ۽ مذمت جوڳا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.