ڪوئيٽا انتظاميا مغوي شاگرد جي بازيابي ۾ ناڪام، 12هين ڏينهن به ڌرڻو، هڙتال

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا مان اغوا ٿيل 10 ورهين جو ٻار محمد مصور ٻارهين ڏينهن به بازياب نه ٿي سگهيو. وارثن ۽ ڌرڻو ڪميٽيءَ پاران احتجاج جاري رکيو ويو. ڪوئيٽا جي علائقي ملتاني مان اسڪول ويندڙ شاگرد کي اڻڄاتل جوابدارن اغوا ڪري ورتو هو. ڪوئيٽا جو يونٽي چوڪ ٻارهين ڏينهن به بند رهيو ۽ ٽريفڪ متاثر ٿي. بلوچستان جي وڏي وزير معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ٻارڙي جي بازيابي پهرين ترجيح آهي. ٻئي طرف نينگر جي بازيابي لاءِ ڪوئيٽا ۾ شٽر بند هڙتال ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو.  احتجاج ڪندڙن چيو ته اغوا ٿيل نينگر جي بازيابي حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪڏهن انصاف نه ڪيو ويو ته احتجاج ڪوئيٽا کان صوبي جي ٻين ضلعن تائين وڌائينداسين.

  1. پاڪ افغان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ چين پاران ڪوششون تيز

اسلام آباد(م ڊ) چين پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، چين جي اعليٰ سفارتڪار جو ڪابل ۽ اسلام آباد جو دورو به ان سلسلي ۾ بيجنگ جي ڪوششن جو حصو هو، چين ماضي ۾ ٽي ٽي پي مسئلي تي ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪئي پر ڪا  به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، چين افغانستان ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي رابطن ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ جي علائقائي عزم ۾ رڪاوٽ سمجهي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ دشمني ۾ واڌ تي پريشان آهي، ان کان علاوه افغانستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن جي موجودگي به بيجنگ جي مفادن کي خطرو آهي،

  1. پي ٽي آءِ بابت واضح فيصلي جو وقت اچي ويو آهي: عرفان صديقي

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ بابت واضح فيصلي جو وقت اچي ويو آهي، وڌيڪ دير ڪرڻ ڳچي ۾ پوندو. اڄ يا سڀاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا بدامني، لاقانونيت، فساد، رتوڇاڻ ۽ پاڪستان مخالف ايجنڊا تي عمل ڪندڙ گروهه کي  سياسي پارٽي سڏائڻ جو حق آهي؟ عرفان صديقي جو چوڻ هو ته پاڪستان جي 77 سالن جي تاريخ ۾ ڪهڙي پارٽي صوبائي طاقت ذريعي وفاق خلاف ويڙهه ڪئي آهي؟ هن چيو ته ڪهڙي پارٽي فائرنگ ڪئي، شيل اڇلايا ۽ اڌ درجن اهلڪار شهيد ۽ سوين زخمي ڪيا؟ ن ليگ جي سينيٽر چيو ته پي ٽي آءِ 9 مئي کانپوءِ سياسي نه رهي هئي پر ڊگهي رعايت ڏني وئي هئي.

  1. ٽرمپ جو چين سميت 3 ملڪن مان درآمد شين تي ٽيڪس جو اعلان

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽن ملڪن مان ايندڙ سامان تي ڳرو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڊونلڊ ٽرمپ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ميڪسيڪو، ڪئناڊا ۽ چين مان ايندڙ سامان تي ٽيڪس هڻڻ جو اعلان ڪيو. ٽرمپ چيو ته 20 جنوري تي ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا مان ايندڙ شين تي 25  سيڪڙو ٽيرف هڻڻ جي منظوري ڏيندس، اهو ان وقت تائين لاڳو هوندو جيستائين منشيات ۽ غيرقانوني پرڏيهين جي داخلا بند نه ٿيندي. چونڊيل صدر چيو ته چين مان درآمد ٿيندڙ شين تي ٽيرف ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي. چين واعدو ڪيو هو ته هو منشيات اسمگلرن خلاف ڪارروائي ڪندا، آمريڪا ۾ منشيات جي ترسيل روڪڻ وارن چيني اپائن تائين واڌو ٽيڪس رهندو. چين ۽ آمريڪا اقتصادي ۽ واپاري سهڪار گڏيل فائدي تي ٻڌل آهي، ڪير به واپار يا ٽيرف جي جنگ نه کٽي سگهندو.

  1. پي ٽي آءِ جو احتجاج: سري لنڪا اي ٽيم جو وطن واپسي جو فيصلو، رهيل ميچون ملتوي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج سبب سريلنڪا جي اي ٽيم وطن واپسي جو فيصلو ڪري ورتو، ون ڊي سيريز جون باقي ميچون ملتوي ڪيون ويون.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب وفاقي راڄڌاني ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب پاڪستان شاهينز ۽ سريلنڪا اي وچ ۾ باقي ٻه ون ڊي ميچون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  ويو آهي.پي سي بي چيو ته هو سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطي ۾ آهن، نئين تاريخن جو اعلان جلد ڪيو ويندو. ٽن ميچن جي سيريز جا آخري ٻه ميچ اربع ۽ جمعي تي راولپنڊي ۾ رٿيل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.