ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) ۾ گوسڙو ملازمن جي نشاندهيءَ لاءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ کي جاچ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪي ايم سي جي 12 هزار کان وڌيڪ ملازمن جي حاضريءَ لاءِ مينوئل حاضري رجسٽر کان علاوه ملازمن جي حاضريءَ لاءِ جديد مڪينيزم موجود نه هجڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. پي اي سي ڪي ايم سي جي گوسڙو ملازمن تي هر مهيني ڪروڙين روپيه خرچ ٿيڻ جي خدشي سبب ڪي ايم سي جي 12 هزار کان وڌيڪ ملازمن جو رڪارڊ سڄي ڊيٽا سميت طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن خرم سومرو، قاسم سراج سومرو سميت ڪي ايم سي ميونسپل ڪمشنر افضل زيدي، ڊي جي آڊٽ لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪي ايم سي جي سال 2018ع کان سال 2021ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. پي اي سي اجلاس ۾ ڪي ايم سي جا آفيسر ڪي ايم سي جي سڀني ملازمن جي ڊيٽا، سروس بوڪ، پرنسپل فائيلن جا تفصيل ۽ سال 2018ع جي ڪي ايم سي جي اي ڊي پي جا تفصيل نه ڏئي سگهيا. ان موقعي تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ڪي ايم سي جي ميونسپل ڪمشنر کان پڇاڻو ڪيو ته ڪي ايم سي جا ٽوٽل ڪيترا ملازم آهن؟ ۽ ڪيترا ملازم ڊيوٽي ايندا آهن؟ ۽ ملازمن جي حاضري چيڪ ڪرڻ لاءِ ڪهڙو مڪينيزم موجود آهي؟ جنهن تي ميونسپل ڪمشنر افضل زيدي ٻڌايو ته ڪي ايم سي جا 12 هزار کان وڌيڪ ملازم آهن جن جي حاضري چڪاسڻ لاءِ صرف حاضري جا رجسٽر موجود هوندا آهن. ڪميٽيءَ جي ميمبر خرم سومرو چيو ته ڪي ايم سي جا وڏي تعداد ۾ اهڙا به ملازم آهن جيڪي ٻن ٻن کاتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪيترا ته ويزا تي ويل آهن ۽ ڊيوٽي نه ٿا ڪن. ڪميٽيءَ جي هڪ ٻئي ميمبر قاسم سراج سومرو چيو ته هر مهيني ڪي ايم سي جي گوسڙو ملازمن جون ڪروڙين روپين جون پگهارون ڪڍيون پيون وڃن ۽ ڪي ايم سي تي گوسڙو ملازمن جو الزام لڳل آهي. ڪميٽي جي ميمبر خرم سومرو چيو ته ڪراچيءَ جي قبرستانن ۾ به ڪي ايم سي جا گوسڙو ملازم گورخن بڻجي في قبر 40 هزار روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن جو ثبوت مون وٽ موجود آهي. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو چيو ته ڪي ايم سي ۾ گوسڙو ملازمن ۽ گهر ويهي پگهارون کڻندڙ ملازمن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ کاتن ۾ ويزا سسٽم بند ٿيڻ گهرجي ۽ ڪي ايم سي ۾ گوسڙو ملازمن جي موجودگيءَ هڪ وڏو سواليه نشان آهي.