ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي لاءِ حب ڊيم مان روزانو 50 ملين گيلن اضافي پاڻي گهري ورتو. وزيراعليٰ هائوس ۾ چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني سان ملاقات دوران آر بي او ڊي ۽ چئن منصوبن سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، وزير آبپاشي ڄام خان شورو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهڙو ۽ ڪي فور پروجيڪٽ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عامر مغل شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي وڌائڻ لاءِ متوازي ڪينال ٺاهي رهي آهي. هن ڪراچي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ روزانو 50 ملين گيلن اضافي پاڻي ڏيڻ تي زور ڏنو. چيئرمين واپڊا وڏي وزير کي تجويز ڏني ته هو واٽر بورڊ کي ان حوالي سان لکت ۾ درخواست ڏئي، جنهن تي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته لکت ۾ درخواست به جمع ڪرائي ڇڏي آهي. چيئرمين واپڊا وڏي وزير کي ٻڌايو ته حب ڪئنال جي مرمت جي مد ۾ واپڊا جون واٽر بورڊ تي هڪ ارب رپيا رهتون آهن. وڏي وزير جواب ڏنو ته سندس حڪومت واپڊا جي رهتن جو مسئلو حل ڪندي. هن مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني کي سمري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪي فور منصوبي لاءِ واپڊا پاران تعميرات ٿي رهي آهي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي حصي مان 8 ارب رپيا جاري ڪرڻ تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو جنهن تي وڏي وزير بلديات واري وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ حڪومت جي رقم جاري ڪرڻ لاءِ سمري تيار ڪري. 5 ڪلوميٽر روڊ جي زمين ۽ عدالتي ڪيسن جي حوالي سان وڏي وزير ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي هدايت ڪئي ته اسٽي آرڊر ختم ڪرايا وڃن ته جيئن منصوبي تي ڪم اڳتي وڌي سگهي. ان کان علاوه آر ڊي 78 تي هڪ ٻئي زميني تڪرار تي وڏي وزير سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته معاوضي جي ادائيگي جو مسئلو حل ڪيو وڃي. وڏي وزير ۽ چيئرمين واپڊ وفاقي فنڊن سان تعمير ٿيندڙ آر بي او ڊي 1 ۽ آر بي او ڊي 3 منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته 2022 جي ٻوڏ دوران سنڌ حڪومت آر بي او ڊي جي بحالي ۽ مرمت تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا جنهن تي وڏي وزير چيو ته واپڊا اها رقم صوبائي حڪومت کي ادا ڪري. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير ۽ واپڊا جي چيئرمين آبپاشي کاتي ۽ واپڊا جي ميمبرن تي مشتمل ماهرن جي هڪ ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. اها ڪميٽي آر بي او ڊي 1 ۽ آر بي او ڊي 3 جي مسئلن جو جائزو وٺندي ته جيئن ان منصوبي کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪيو وڃي.