سنڌ پوليس کي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فورس ۾ تبديل ڪيو وڃي:مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس حڪومت جي ان عزم کي ورجايو آهي ته سنڌ پوليس کي هڪ مضبوط  ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل فورس ۾ تبديل ڪيو وڃي ته جيئن عوام جي حفاظت کي وڌايو وڃي ۽ سنڌ جي عوام ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي اعتماد پيدا ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ASPs) جي 51 هين اسپيشل ٽريننگ پروگرام ۽ 27 هين شروعاتي ڪمانڊ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. وڏي وزير موجب ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ سنڌ پوليس جي صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) کي 2 ارب 7 ڪروڙ رپيا، اسپيشل برانچ کي هڪ ارب 2 ڪروڙ رپيا ۽ انويسٽيگيشن برانچ کي 60 ڪروڙ رپيا جاچ خرچن لاءِ مليا آهن،پوليس اسٽيشنن لاءِ اٽڪل 6 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، وڏي وزير چيو ته شهيد پيڪيج تي عمل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ معاوضو 10 ملين مان وڌائي 23 ملين رپيا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سندس حڪومت پوليس آفيسرن، پراسيڪيوٽرن ۽ ججن لاءِ تربيتي پروگرامن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ته جيئن قانونن ۽ پاليسين تي موثر عمل درآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. جاري سڌارن ۽ سيڙپڪاري سان سنڌ پوليس پاڪستان ۾ هڪ ماڊل قانون لاڳو ڪندڙ ادارو بڻجي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.