پي ٽي آءِ احتجاج دوران صحافين تي تشدد، ميڊيا آفيسن تي حملا

اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران صحافين کي جارحيت جو نشانو بڻايو ويو، مقامي ۽ عالمي ميڊيا جي صحافين جو چوڻ آهي ته  مظاهرين نه رڳو کين دٻايو پر عمارتن ۽ سامان کي به نقصان پهچايو. بي بي سي موجب صحافين جو چوڻ هو ته کين ڊي چوڪ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران ڌمڪيون  مليون. عيني شيرازي موجب پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو هڪ گروپ آيو ۽ کين ڊي چوڪ کان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. ان  دوران سندس ٽنگ تي زخم ٿي پيا. ان کان علاوه عمارت جي ڇت تان لائيو رپورٽنگ ڪندي صحافي انس ملڪ ٻڌايو ته 3 لڳي 10 منٽن تي هڪ ڪار نيوز جي آفيس وٽ بيٺي، جنهن کانپوءِ هنن پٿر وسائڻ شروع ڪيا. انس ملڪ جو چوڻ هو ته ڪجهه دير کانپوءِ 20 جي لڳ ڀڳ مظاهرين عمارت جي ٻاهرئين دروازي کي ٽوڙي اندر لٺين ۽ گولين سان هٿياربند اندر داخل ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.