سياسي ٽرائل آمراڻين حڪومتن لاءِ طاقتور عدالتي هٿيار هوندو آهي:جسٽس منصور

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس ۾ اضافي نوٽ جاري ڪندي  چيو آهي ته عدليه جو ڪردار انصاف جو دفاع ڪرڻ آهي، آمراڻيون حڪومتون سياسي مخالفن خلاف سياسي ٽرائل جو استعمال ڪنديون آهن، جن جو مقصد اقتدار تي قبضي  کي قانوني حيثيت ڏيڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ هوندو آهي، سياسي ٽرائل آمراڻين حڪومتن لاءِ هڪ طاقتور عدالتي هٿيار جو ڪم ڪندا آهن،هن ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل جي ڪيس کي سياسي ٽرائل  جو  بهترين مثال قرار ڏيندي وڌيڪ لکيو ته گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ طريقيڪار ۽ انصاف جي گهرجن جون ڪيتريون  ئي ڀڃڪڙيون ڪيون ويون، آمراڻي دور ۾ ججن کي ياد رکڻ گهرجي ته سندن اصل طاقت عهدي تي رهڻ نه آزادي قائم رکڻ جسٽس دراب پٽيل ڀٽو ڪيس ۾ جرئتمندي سان اختلاف ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي الزامن مان بري ڪيو، جسٽس دراب پٽيل ضيا دور  جي جاري ڪيل عبوري آئين تحت  حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو، سمجهوتو ڪرڻ جي ميراث ڇڏڻ بدران عهدو وڃائڻ ننڍي قرباني آهي جج جي بهادري جو اندازو ٻاهرين دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ سان لڳائي سگهجي ٿو، هن لکيو ته آمراڻن مداخلتن جو مقابلو ڪرڻ ۾ دير قانون جي حڪمراني لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي،مداخلت جي فوري مزاحمت اصلاح ڪرڻ گهرجي مان لڳائي سگهجي ٿي،جسٽس منصور علي شاهه اضافي نوٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي نوٽ جو حوالو به ڏنو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”آزاد عدليه مارشل لا جي مخالف آهي،آزاد عدليه رڳو آئين جي ڇٽي هيٺ ڪم ڪري سگهي ٿي،بندوق جي پاڇي ۾ نه، آزادعدليه ايگزيڪٽو ۽ مقننه جي ڪلهوڪلهي ۾ ملائي خدمتون سرانجام ڏيندي آهي، عوام جو ايگزيڪٽو جيل ۾ آهي، اسيمبليون ايئن خاموش آهن جيئن قبرستان، ڇا هڪ گل اهڙي باغ ۾ پروان چڙهي سگهي ٿو جيڪو ريگستان ۾ تبديل ٿي چڪو هجي؟ “

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.