اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران ڪارڪن ناراض ٿي ويا ۽ هڪ ڪارڪن علي امين گنڊاپور کي مبينا طور تي بوتل جو ڌڪ هنيو، اسلام آباد ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ باني جي گهر واري بشرا بي بي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن موجود آهن، جتي ڪيترن ئي ڪارڪنن گاڏي ۾ ويٺل اڳواڻن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز موجب ڪارڪنن علي امين گنڊاپور تي حملي جي ڪوشش ڪئي، گنڊاپور گاڏي مان نڪري ڪارڪنن کي خطاب ڪرڻ چاهيو پر ڪارڪنن کيس ڊي چوڪ وڃڻ لاءِ چيو، ڊي چوڪ ڏانهن وڃڻ کان انڪار تي ڪارڪنن علي امين گنڊاپور جي گاڏي جو گهيرو ڪيو ۽ گاڏي تي چڙهي ويا، جنهن تي هڪ ڪارڪن ڪاوڙ ۾ اچي کيس گاڏي ۾ ويهڻ لاءِ چيو، جنهن بعد وڏي وزير سڪيورٽي طلب ڪري ٻيهر گاڏي ۾ سوار ٿي ويو.