بشريٰ بي بي کي نظربند ۽ آپريشن جون تياريون؟

اسلام آباد(شاهد ميتلو)اسلام آباد پهتل پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو انگ 40 هزار جي لڳ ڀڳ ٻڌايو پيو وڃي، ڊي چوڪ يا بليو ايريا ۾ ڄمي بيهڻ انتهائي مشڪل ڪم آهي پر پي ٽي آءِ جا ڪارڪن اتي بيٺا آهن،انهن ۾ جذبو به آهي،نفرت ۽ ڪاوڙ به آهي،اهي چاهين ٿا ته سندن قائد عمران خان ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ آزاد ٿين،خوف جي ڪيفيت باوجود مظاهرين ڄمي بيٺل آهن، وقفي وقفي سان فورسز پاران شيلنگ ۽ فائر ڪيا پيا وڃن،رينجرز ۽ پوليس جي بيڪ اپ ۾ فوج بيٺي آهي، علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي وقفي وقفي سان  ڪارڪنن ۾جوش پيدا ڪري رهيا آهن، ذريعن مطابق ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهين جو سلسلو به جاري آهي، اهي به اطلاع آهن ته گرينڊ آپريشن جون تياريون ٿي رهيون آهن، بليو ايريا،ايف نائن،ايف سڪس،ايف ايٽ جون مارڪيٽون خالي ڪرايون ويون آهن، پنجاب جا قافلا به رات تائين جوائن ڪرڻ وارا آهن، اتان به پوليس ۽ ٻين ادارن جي اهلڪارن کي گهرايو ويو آهي، اهي به اطلاع آهن ته بشريٰ بي بي کي هائوس اريسٽ ڪيو ويندو،هن جي ڪنٽينر جي چوڌاري ڪارڪنن جو گهيرو آهي،مشڪل آهي ته کيس گرفتار ڪري سگهجي،چائنا چوڪ تي بيٺل علي امين گنڊاپور کي به ڪارڪن ناشتو ڪرڻ يا واش روم وڃڻ کان به روڪي رهيا آهن،ڪارڪن اهي به ڌمڪيون پيا ڏين ته علي امين گنڊاپور واپسي جو سوچيو ته هن جو گهر ساڙي ڇڏينداسين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.