اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته جيستائين مطالبا پورا نه ٿيندا اسان پوئتي نه هٽنداسين، ٽيم کي پيغام آهي ته آخري بال تائين وڙهي. عمران خان جي آفيشل ايڪس هينڊل تي جاري ڪيل بيان موجب، عمران خان چيو ته محسن نقوي جي هدايتن تي رينجرز ۽ پوليس اسان جي ڪارڪنن تي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪري پرامن شهرين کي شهيد ۽ زخمي ڪيو، ان جو حساب ڏيڻو پوندو. عمران خان چيو ته شهري نه رڳو پرامن هئا پر شيلنگ ۽ فائرنگ ڪرڻ وارا پوليس ۽ رينجرز کي به ريسڪيو ڪندا رهيا، اوورسيز پاڪستانين جي به مهرباني جيڪي موبلائزيشن ڪري رهيا آهن، فنڊ موڪلي رهيا آهن، پنهنجن ملڪن ۾ مظاهرا به ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سوشل ميڊيا واريئرز به سڄي دنيا ۾ مطالبن ۽ پاڪستان ۾ جاري ظلم جي ڀرپور ڪوريج جاري رکن. عمران خان وڌيڪ چيو ته مون کي ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل جون ڌمڪين ڏيڻ وارن لاءِ پيغام آهي ته جيڪو وڻي ڪريو، مان پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽندس. هن ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته جيڪي ڊي چوڪ ناهن پهچي سگهيا اهي پهچن ۽ مظاهري ۾ پرامن رهن. هن چيو ته مطالبن جي مڃتا تائين جدوجهد جاري رهندي، هي پاڪستان جي بقا ۽ حقيقي آزادي جي جدوجهد آهي.