شرجيل انعام ميمڻ پاران اسلام آباد ۾ رينجرز اهلڪارن جي شهادت جي مذمت

ڪراچي  ( رپورٽر) سنڌ جي سينئر  وزير شرجيل انعام ميمڻ اسلام آباد ۾شرپسندن پاران رينجرز  اھلڪارن تي گاڏي چاڙھڻ ۽ 4 اھلڪارن جي شھادت جي مذمت ڪئي آھي. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ شرپسندن قانون جي حڪمراني کي لتاڙيو آھي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي معاف نھ ڪرڻ جوڳو حملو ڪيو ويو آھي. ھن چيو تھ شھيد اھلڪارن جي گھر ڀاتين سان دلي تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آھيان، سنڌ سرڪار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان يڪجھتي سان بيٺل آھي.  سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھن وحشياڻي فعل جي ذميوارن کي انصاف کي منھن ڏيڻو پوندو، قوم ۾ تشدد ۽ افراتفري جي ڪابھ گنجائش ناھي، ڪنھن گروھھ کي امن ۽ سلامتي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي اجازت ناھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.