لاهور (پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته هو بار بار چوندو رهيو ته جيڪو کٽي ان کي فتح ڪرڻ ڏيو، هارائڻ وارن تي الزام نه لڳايو. ڪراچي جي ميئر کان وٺي عام چونڊن تائين نمائندن تي فارم 47 لڳائي عوام جي جمهوري حقن تي ڌاڙو هنيو ويو.ايڪس تي تبصرو ڪندي هن چيو ته واضح آهي ته موجوده حڪومت فارم 47 جي جعلي حڪومت آهي ۽ تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪئي هئي. هنگامي بنيادن تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ عوام جي چونڊيل حڪومت کي فارم 45 جي بنياد تي آندو وڃي، عمران خان سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، 26هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ وارا پنهنجون قبرون کوٽي رهيا آهن.