پاڪستان ۽ بيلاروس جو مضبوط ڀائيواري جو عزم، مختلف معاهدن تي صحيحون

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان بيلاروس سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو، معاهدن کي فوري عملي جامو پارائينداسين. بيلاروس جي صدر سان گڏيل پريس  ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم چيو ته 8 سالن کانپوءِ صدر لوڪاشينڪو جو دورو اهميت جوڳو آهي، صدر ۽ وفد سان اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته بيلاروس سان ٻطرفو سهڪار اڳتي وڌائينداسين، ٻئي ملڪ مستقبل جي حڪمت عملي لاءِ سنجيدگي سان گڏجي ويهندا. بيلاروس جي صدر لوڪاشينڪو ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، اسان کي عوامي بهتري جي منصوبن تي عمل ڪرڻو پوندو، جديد ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ ٻئي لاءِ مددگار ثابت ٿيندا، زراعت ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ بيلاروس جي صدر گڏيل پڌرائي تي صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ 2025 کان 2027 جي روڊ ميپ تي مفاهمتي يادداشت جي مٽا سٽا ٿي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سهڪار جو معاهدو ڪيو ويو. آڊيٽر جنرل آفيس ۽ بيلاروس جي اسٽيٽ ڪنٽرول وچ ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت جي مٽاسٽا ٿي جڏهن ته مني لانڊرنگ، دهشتگردي جي فنانسنگ سميت ٻين ڏوهن کي روڪڻ بابت يادداشت تي به مٽاسٽا ٿي. پاڪستان نيشنل ايڪريڊيشن قونصل ۽ بيلاروس جي ايڪريڊيشن سينٽر وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي جي مٽاسٽا ٿي ۽ انٽرنيشنل روڊ ٽرانسپورٽ بابت معاهدو به ٿيو. ماحولياتي تحفظ جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمتي سهڪار جا معاهدا ٿيا، اين ڊي ايم اي ۽ بيلاروس جي وزارت وچ ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت جي مٽاسٽا ٿي. نيو ٽيڪ ۽ بيلاروس جي فني تعليم ۽ انسٽيٽيوٽ وچ ۾ مفاهمتي يادداشت جي مٽاسٽا ٿي جڏهن ته گهربل جوابدارن جي حوالگي جو به معاهدو ٿيو. ڊريپ ۽ بيلاروس جي صحت واري وزارت وچ ۾ سهڪار، حلال شين جي واپار لاءِ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت جي مٽاسٽا ٿي. ان کان اڳ بيلاروس جو صدر وزيراعظم هائوس پهتو جتي وزيراعظم شهباز شريف سندس آجيان ڪئي، بيلاروس جي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاعي سهڪار ۽ علائقائي مسئلن سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. بيلاروس جي صدر شاندار آجيان تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم واضح ڪيو ته بيلاروس جي صدر جو هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ ڀائيواري جا نوان دڳ کولڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿيندو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ بيلاروس جي وفدن مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.