اسلام آباد (عمر چيما) پي ٽي آءِ جي احتجاج جي حوالي سان حڪومت جي جيڪا حڪمت عملي رهي آهي اها انتهائي مايوس ڪندڙ رهي آهي. محسن نقوي رڳو ڳالهيون ڪندو رهيو آهي، هيلي ڪاپٽر جا دورا ڪندو رهيو آهي ۽ سمجهي ٿو ته بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ وارن ۾ ڳجهو هٿ آهي. هن وقت تائين جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان تي حڪومت کي گهر وڃڻ گهرجي نه ته محسن نقوي کي ته ضرور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ڇو ته گهرو وزارت سندس وس جي ڳالهه ناهي، محسن نقوي پنهنجي غلطي مڃي ۽ کيس پي سي بي تائين محدود رهڻ گهرجي. وزيراعظم کي به اهڙي ماڻهو کي ايترا عهدانه ڏيڻ گهرجن ها. حڪومت رڳو بيانبازي ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ جو احتجاج بشريٰ بي بي جي ڪري ئي ڊي چوڪ پهچي رهيو آهي. ان کان اڳ راڻا ثناءُالله احتجاج کي واپس ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي صورتحال مايوس ڪندڙ رهي آهي. فوج کي طلب ڪرڻ کانپوءِ ان کي آخري اميد سمجهيو ويو پر فوج وارن پي ٽي آءِ وارن کي ڀاڪر پائڻ شروع ڪري ڇڏيا. هڪ پاسي پوليس وارا مارجي رهيا آهن ٻئي پاسي فوج ڪنٽينر تي بيهي مظاهرين سان ڀاڪر پائي رهي آهي. رينجرز وارا به مارجي رهيا آهن ۽ حڪومتي عملدار گم ٿيڻ رياست جي وڏي ڪمزوري نظر اچي ٿي. حڪومت فورس جو مورال به ڪيرايو آهي، فورس کي جيڪڏهن جٿن جي رحم ڪرم تي ڇڏبو ته فورس انهن جي ڌر بڻجي ويندي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 27 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو