اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تلور جي شڪار خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ ٽٽي وئي.
سپريم ڪورٽ ۾ تلور جي شڪار خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس جمال خان مندوخيل ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪندي ريمارڪس ڏنا ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ تلور جي شڪار خلاف ڪيس ٻڌي چڪو آهيان.
ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته تلور جي شڪار جو تصور مارخور جي آفيشل شڪار جيان آهي، مارخور جي شڪار کي ٽرافي هنٽنگ جو نالو ڏنو ويو آهي.
جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته تلور جي شڪار ۽ آئيبيڪس ٽرافي هنٽنگ ۾ فرق آهي، جسٽس مسرت هلالي چيو تلور ته هجرت ڪندڙ پکي هوندا آهن.
You might also like