روس جو يوڪرين تي هيل تائين جو سڀ کان وڏو ڊرون حملو

ڪيف (ويب ڊيسڪ) روس گذريل رات يوڪرين تي هيل تائين جو سڀ کان وڏو ڊرون حملو ڪيو، جنهن ۾ 188 ڊرون استعمال ڪيا ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب روسي حملي ۾ يوڪرين جي اولهه علائقي ترنوپل ۾ بجلي جي انفرا اسٽرڪچر کي نقصان پهتو، جڏهن ته ڪيف ۾ رهائشي عمارتون به متاثر ٿيون.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته روس مجموعي طور تي 188 ڊرونز سان حملو ڪيو، جن مان يوڪريني فوج 76 ڊرونز تباهه ڪري ڇڏيا، جڏهن ته 96 ڊرونز جو پتو نه لڳي سگهيو.
يوڪريني فوج جو چوڻ آهي ته روس حملي ۾ آپگهاتي ڊرونز سميت ڪجهه اڻڄاتل ڊرونز به استعمال ڪيا، روس طرفان يوڪريني دفاعي نظام کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڊمي ڊرونز به استعمال ڪيا ويندا آهن.
يوڪريني اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊرون حملي ۾ ڪنهن قسم جو جاني نقصان نه ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.