انسٽاگرام هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن جي مدد واهپيدار پنهنجي لائيو لوڪيشن شيئر ڪري سگهندا.
هي فيچر به بلڪل اهڙي طرح ڪم ڪندو جهڙي طرح واٽس ايپ ۾ لائيو لوڪيشن شيئرنگ وارو فيچر ڪم ڪندو آهي.
انسٽاگرام ۾ واهپيدار سڌي ريت پيغام ( ڊي ايم ) ۾ لائيو لوڪيشن شيئر ڪري سگهندا.
هن فيچر ذريعي صارفين هڪ وقت ۾ هڪ ڪلاڪ تائين پنهنجي لوڪيشن شيئر ڪري سگهندا ۽ ميپ ۾ مخصوص جاين کي پن (pin) ڪري سگهندا.
لائيو لوڪيشن شيئرنگ وارو آپشن رڳو ون آن ون يا گروپ چيٽس ۾ دستياب هوندو.
چيٽ ۾ شامل ماڻهو ئي لوڪيشن ڏسي سگهندا پر هو اِها اڳتي ٻين چيٽس ۾ فارورڊ نه ڪري سگهندا.
جڏهن اوهان لوڪيشن شيئر ڪندئو ته چيٽ جي مٿان هڪ انڊيڪٽر موجود رهندو جڏهن ته اوهان ڪنهن به وقت شيئرنگ ڪري سگهو ٿا.
ان کانسواءِ انسٽاگرام طرفان سڌي ريت پيغام لاءِ ڪسٽمائيز ايبل نِڪ نيمز فيچر پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان فيچر ذريعي اوهان پنهنجي دوستن لاءِ ڪنهن نِڪ نيم جو واڌارو ڪري سگهو ٿا جيڪو ڊي ايم چيٽس ۾ پڻ ظاهر ٿيندو.
You might also like