اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ، اسلام آباد جي ڊي چوڪ ۾ مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ پشاور ريجن جي صدر ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي قافلي ۾ موجود ارباب نسيم چيو ” بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور مطالبن جي منظوري تائين ڊي چوڪ تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. “
واضح رهي ته پي ٽي آءِ قافلن صورت ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي جيل مان ترت آزادي جو مطالبو کڻي خيبرپختونخوا کان اسلام آباد پهتا آهن.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جو آچر جي ڏينهن پشاور کان نڪتل قافلو اسلام آباد جي علائقي بليو ايريا پهچي ويوآهي.