”پاڪستاني راڳي ۽ موسيقار مون تي سڙندا آهن“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي پنهنجي انوکي گلوڪاري سبب مشهوري ماڻيندڙ چاهت فتح علي خان چيو آهي ته پاڪستاني راڳي هن سان ساڙ ڪندا آهن.
سوشل ميڊيا تي چاهت فتح علي خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾هن پنهنجي گلوڪاري بابت ويچار ونڊيا آهن.
چاهت فتح علي خان چيو ته هن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڀارت جا ليجنڊ گلوڪار، پرڊيوسر ۽ هدايتڪار سندس واکاڻ ڪري رهيا آهن پر پاڪستاني، گلوڪار، موسيقار ۽ اينڪرز سندس خلاف واويلا ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته خدا جي واسطي ائين نه ڪريو، خوش رهو، بس پنهنجي ڪم سان ڪم رکو، جيئن هو ڪم ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هن اڍائي ورهين دوران 48 گيتن جا ٽريڪ رليز ڪري ڇڏيا آهن، اڃا وڌيڪ پنج گيتن جا ٽريڪ اچڻ وارا آهن.
چاهت فتح علي خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ ۾ وڏو مزو آهي، جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي خلاف ڳالهايو ٿا ته سڙو ٿا اِهو اوهان جي صحت لاءِ سٺو نه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.