اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته حڪومت ڪنهن صورت ۾ ڌمڪين کان ڊڄڻ واري ناهي، جيڪو به ڊي چوڪ ايندو ان کي گرفتار ڪنداسين. هن چيو ته موبائيل سروس هلي رهي آهي، رڳو موبائيل انٽرنيٽ بند ڪئي وئي. فيض آباد ۾ بيلا روس جي وفد جي روٽ تي احتجاج ڪندڙ مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پرڏيهي مهمانن جي آمد تي ڏڦيڙ ڪنهن صورت قبول ناهي، رڳو خيبرپختونخوا مان احتجاجي جلوس اچي رهيا آهن، پنجاب مان ڪا ريلي ناهي. گهرو وزير چيو ته جڏهن احتجاج ختم ٿيندو ته ماڻهن کي ٻڌائينداسين ته ملڪ، معيشت، عوام ۽ ڪاروبار جو ڪيترو نقصان ٿيو جيئن ماڻهن کي حقيقتن جي خبر پوي ۽ پاڻ فيصلو ڪري سگهن. محسن نقوي موجب ٻه آپشن آهن ته شهر کي هفتن لاءِ مفلوج ڪري ڇڏيون ۽ ٻيو آپشن آهي ته حفاظت ڪريون. ڊيڄاري ڌمڪائي ڪجهه نٿو ٿي سگهي، هو ڪوشش ڪري وٺن، کين ڪو فائدو نه ٿيندو. هن چيو ته ڪرم ۽ پاراچنار ۾ صورتحال سٺي ناهي، وفاقي حڪومت هر ممڪن سهڪار ڪري رهي آهي، صوبائي حڪومت کي گهرجي ها ته اسلام آباد تي ڪاهه بدران اتي وڃي جنازن ۾ شرڪت ڪري ها ۽ مسئلا حل ڪري ها. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سڄي پنجاب ۽ پاڪستان ۾ معاملا ٺيڪ آهن، رات افغان شهري به پڪڙيا ويا، دهشتگردي جي خطري جو ٿريٽ الرٽ ڪي پي حڪومت سان شيئر ڪيو آهي.