پي ٽي آءِ جا قافلا پنجاب ۾ داخل، اسلام آباد ۽ پنڊي ميدان جنگ، انٽرنيٽ بند

اسلام آباد/لاهور/راولپنڊي (جاويد چوڌري+م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي آزادي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي اعلانيل احتجاج لاءِ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن اسلام آباد لاءِ روانا ٿيا. قافلي ۾ عمران خان جي زال بشريٰ بي بي به شريڪ ٿي. قافلو صوابي کان ٿيندو اٽڪ ويجهو پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو. صوابي پهچڻ تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته هو هر حال ۾ اسلام آباد جي ڊي چوڪ پهچندا. ڪارڪنن کي مختصر خطاب ۾ هن چيو ته عمران خان جي آزادي تائين واپس ناهي وڃڻو، پنهنجي سموري طاقت رستا کولڻ ۾ لڳائينداسين. علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ صوابي مان روانو ٿيل پي ٽي آءِ جو قافلو پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿيو ته اٽڪ پل ڇڇا انٽرچينج وٽ پوليس سخت شيلنگ ڪئي. علي امين گنڊاپور ڪجهه دير ترسڻ جو فيصلو ڪيو. بشريٰ بي بي به ڪارڪنن کي چيو ته اوهان ٿڪجي ويندا، گاڏين ۾ ويهي رهو، عمران خان کانسواءِ واپس ناهي وڃڻو. احتجاج کي ڏسندي حڪومت پاران اسلام آباد، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ پوليس، رينجرز ۽ ايف سي جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي، داخلي رستن تي 6 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا. پنجاب ۽ ڪي پي سان جاڙن شهرن کي ڳنڍيندڙ رستا ڪنٽينر رکي بند ڪيا ويا ۽ مختلف شهرن وٽان خندقون کوٽي شهر مان نڪرڻ جا رستا بند ڪيا ويا. اڊيالا جيل ڏانهن ويندڙ رستن کي مڪمل سيل ڪيو ويو ۽ مک روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو. پشاور اسلام آباد روڊ تي ڪنڊيدار تارون وڇايون ويون، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا سرحد کي سيل ڪري چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون. جاڙن شهرن کي ملائيندڙ 70 هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائن سان نگراني ڪئي وئي. جاڙن شهرن ۾ ميٽرو بس سروس به معطل ڪئي وئي ۽ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس به متاثر ٿي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا کي ملائيندڙ اهم شاهراهه شيراني کي دانا سر وتان ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو. عمر ايوب جي اڳواڻي ۾ هري پور ڊويزن جو قافلو مزاحمت ڪري رڪاوٽون ٽوڙي پنجاب ۾ داخل ٿي ويو. اپوزيشن ليڊر جي قافلي تي پوليس طرفان شيلنگ ڪئي وئي ۽ رٻڙ جون گوليون وسايون ويون، پوليس جي لٺبازي ۾ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا، پوليس جي پٿراءَ سبب قافلي ۾ موجود گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا. ان دوران عمر ايوب کي گرفتار ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي. ٽيڪسلا مان تيمور مسعود جي اڳواڻي ۾ قافلو به عمر ايوب جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو. ڪي پي کانسواءِ ٻين صوبن ۽ شهرن مان به پي ٽي آءِ ڪارڪن اسلام آباد لاءِ نڪتا ته اسلام آباد ۾ داخل ٿيندڙ رستن تي مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون. پوليس دعويٰ ڪئي ته مظاهرين پٿراءُ ڪيو ته هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو. شمس آباد جي مقام وٽ به پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو. راولپنڊي پوليس فيض آباد آءِ جي پي روڊ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي ۽ 60 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو. پوليس 26 نمبر چونگي وٽ 28 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ۽ ٻين کي چڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب گرفتار ڪيلن وٽان چاقو ۽ غليليون هٿ آيون. پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي ته مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي وئي ۽ لٺبازي پڻ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ اڳواڻن موجب پنجاب جي مختلف شهرن مان هيل تائين 490 ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا جڏهن 100 لاپتا ٿي ويا. پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب پوليس پنجاب ۾ ڪريڪ ڊائون ڪندي پي ٽي آءِ جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن سميت 700 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. اسلام آباد پوليس 300 کان مٿي ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ۽ ڊيرا غازي خان مان 85 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. حراست ۾ ورتل پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن ۾ عامر ڊوگر، زين قريشي ۽ معين رياض شامل آهن. پوليس موجب ٽئي اڳواڻ ملتان مان احتجاج ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد وڃي رهيا هئا، کين نظربند ڪيو ويو. چيچا وطني مان ايم اين اي راءِ حسن نواز کي گرفتار ڪيو ويو. اڳوڻي ناظم رانا مبشر ۽ اڳوڻي سيڪريٽري بار رانا جواد کي به گرفتار ڪيو ويو، ڪارڪنن کي ساهيوال ٿاڻي منتقل ڪيو ويو. پي ٽي آءِ پنجاب جي اڳواڻ حافظ ذيشان کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو. سرگوڌا مان پي ٽي آءِ ايم پي اي بشارت ڊوگر گرفتار 32 ڪارڪنن سميت گرفتار ڪيو ويو. اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ صداقت عباسي کي به گرفتار ڪري ورتو. سندس چوڻ هو ته منهنجو احتجاج سان ڪو واسطو ناهي، گهر وڃي رهيو هيس. هوڏانهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا سمورا تعليمي ادارا اڄ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ضلعي انتظاميا موجب موجوده صورتحال سبب تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن اسلام آباد جي سڀني سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن تي لاڳو هوندو. احتجاج جي موقعي تي سيڪيورٽي خدشن سبب اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ انٽرنيٽ سروس معطل رهي. سڄي ملڪ ۾ واهپيدار واٽس ايپ، فيس بڪ سميت سماجي رابطن جي ٻين ويب سائيٽن تائين رسائي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيندا رهيا. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان موبائل فون انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي ۽ واهپيدارن شڪايتون ڪيون. انٽرنيٽ تي نطر رکندڙ اداري نيٽ بلاڪس تصديق ڪئي ته پاڪستان ۾ واٽس ايپ سروس بند آهي. عملدارن پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب اهو قدم کنيو آهي. احتجاج سبب اسلام آباد جا رهواسي به متاثر ٿيا، رستا بند هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.