سنڌ دشمن رٿائون رد نه ٿيون ته ڪراچي کان ڪمون شهيد تائين مزاحمت ٿيندي:اياز لطيف پليجو

ٽنڊو محمد خان(ڊ ر)سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٽنڊو محمد خان شھر ۾ قومي عوامي تحريڪ جو درياھ بچايو سنڌ بچايو جلسه عام ٿيو، جنھن ۾ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو. ٽنڊو محمد خان پھچڻ تي شھرين، واپارين ۽ ڪارڪنن اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو. جلسي ۾ سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي،اياز لطيف پليجي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪينالن خلاف ھيءَ عارضي يا ھڪ ڏينھن جي جدوجھد ناھي، سنڌو درياهه بچائڻو آھي ته مسلسل اڻٿڪ ۽ طويل جدوجھد جاري رکڻي پوندي سنڌو درياھ مان ڇهھ نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ ويران ٿي ويندي سنڌ جا ماڻهو صوماليا جي ماڻهن کان به بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي تباھ ۽ برباد نه ڪيو وڃي،هن چيو ته سنڌو درياھ جي وھڪري ۾ رڪاوٽون وجھڻ وارو چولستان ڪئنال سميت ڪو به منصوبو قبول ناھي. آصف علي زرداري، نواز ليگ، پيپلزپارٽي، ارسا ۽ واپڊا ھميشه سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بيابان بنائڻ وارا منصوبا جوڙيا آھن. ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن، ٿل ڪئنال، چشمه جهلم لنڪ ڪينال ۽ ٻين  ڌاڙيل واھن ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي جي ڪري سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آھي، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ جو پاڻي زير زمين حيدرآباد تائين پھچي ويو آھي،هن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪنھن به قسم جي سازش پاڪستان جي 27 ڪروڙ عوام خلاف سازش آھي،سنڌو درياھ کي ختم ڪرڻ، قتل ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو. پرامن جدوجھد ذريعي لکين عوام سان گڏجي مزاحمت ڪئي ويندي. حڪمران ٻڌي ڇڏين ته سنڌ دشمن منصوبا رد نه ٿيا ته ڪراچي کان ڪمون شھيد تائين ھر ڪلوميٽر تي مزاحمت ۽ مقابلو ٿيندو.. ورلڊ بينڪ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته چولستان، گريٽر ٿل ڪئنال سميت سنڌ دشمن منصوبن لاءِ فنڊنگ بند ڪئي وڃي. گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ اسيمبلي، ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي آھن؟ پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ سنڌ جي پاڻي کان لاتعلق ڇو آھن. وفاقي حڪومت ۽ آصف زرداري سنڌ کي ديوار سان نه لڳائين هن چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت ٻڌائي ته ڏوھاري حڪومت ۽ رياست کان ڪيترا طاقتور آھن؟ آخر سنڌ ۾ اقليتن ۽ غريب ماڻھن جون نياڻيون ۽ ٻار ڇو غير محفوظ آھن؟ ھي سڄو نظام رڳو حڪمران طبقي جو محافظ ۽ انھن لاءِ جنت جھڙو ڇو آھي؟ ھاري، مزدور ۽ عام ماڻھو ڪنھن به وقت ڪنھن ڏوھاري جي نشاني تي اچي سگھن ٿا ۽ انھن لاءِ زندگي جھنم بنائي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن طرفان لٽيل دولت ٻاھرين ملڪن جي بئنڪن مان واپس آڻي آئي ايم ايف جو قرض واپس ڪيو وڃي. ملڪ جو غريب عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي.سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ سنڌ جي دل آھي. ڪئنالن جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ پ پ حڪمران سنڌي ماڻھن کي بيوقوف بنائي رھيا آھن. گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو انسان دشمن منصوبو جوڙيو ويو آھي،اياز لطيف رند خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ سان ھر دور ۾ دوکو ڪيو آھي، ھاشم ڪنڀار چيو ته ٿرپارڪر جا ھزارين ڳوٺ بجلي سميت بنيادي سھولتن کان محروم آھن. گرين پاڪستان سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي. ونود ڪمار چيو ته زرداري ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪا به پرواھ نه آھي ،حنيف باگراڻي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌو درياهه، ڪارونجهر، ٻيٽ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن،آمنه ڪنڀار خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عورتن کي پنھنجن ڀائرن، پٽن ۽ نياڻين سان گڏجي پنھنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، روشنا پٺاڻ چيو ته سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو ڪروڙين ماڻھن کي اڃ مارڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بنائي سنڌ کي معاشي طور قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي،ڪرڙ ريٻاري چيو ته سڀ وسيلا سنڌ ۾ 72 سيڪڙو گيس، 59 سيڪڙو پيٽرول، وڏي بندرگاھ، ڪارونجهر جپسم، گرينائيٽ سنڌ وٽ، ڪوسٽل بيلٽ سنڌ وٽ، دنيا جو ڇھون نمبر وڏي ۾ وڏو ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ وٽ آھي، انھن سڀني وسيلن جي ھوندي انڊر اٽيڪ سنڌ آھي، شوڪت سريوال چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي ماڻھن کان اٽو، لٽو ۽ اجھو کسيو آھي جلسه عام کي نصرت خاصخيلي ،ابراھيم بگٽي، زاھد گل اوٺو، نذير بليدي، سانول گوپانگ ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.