اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪرم ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪرم ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي، خيبرپختونخوا حڪومت لاپتا آهن، ٽن ڏينهن ۾ 80 شهري قتل ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ماڻهو گهرن ۾ محفوظ ناهن، امن قائم ڪرڻ صوبائي حڪومت جي پهرين ذميواري آهي. ڪرم ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي مجرماڻي غفلت جي مذمت ڪريون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري موجب سڄي خيبرپختونخوا ۾ امن يقيني بڻائڻ لاءِ پيپلزپارٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.