پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ ٻن ڌرين ۾ ٽن ڏينهن کان جاري فرقيواراڻين جهڙپن ۾ 82 ڄڻا مارجي ويا ۽ 156 زخمي ٿي پيا جڏهن ته چڪريون چوٿين ڏينهن به جاري رهيون. بگن، علي زئي، بلشخيل، خار ڪلي، مقبل ۽ ڪنج عليزئي ۾ جهڙپون ٿيون، مختلف علائقن ۾ گهرن ۽ دڪانن کي باهه ڏني وئي. ڪرم ۾ موبائيل نيٽ ورڪ معطل ۽ مک شاهراهه ٽريفڪ لاءِ بند آهي. ذريعن موجب مارجي ويلن جو انگ ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، مواصلاتي رابطا ڪٽيل هجڻ سبب ڄاڻ ملڻ ۾ ڏکيائي اچي ٿي. ٻئي پاسي خيبرپختونخوا جي اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر ڊاڪٽر سيف جي سربراهي ۾ حڪومتي جرڳو ڪرم مان واپس پشاور پهتو. بئريسٽر سيف چيو ته ڌرين هفتي لاءِ جنگ بندي تي اتفاق ڪيو. حڪومتي وفد ضلعي اڳواڻن سان جرڳو ڪري رهيو آهي، ڌرين ۾ هڪ ٻئي جا قيدي ۽ لاش واپس ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته اهل سنت ۽ اهل تشيع اڳواڻن سان مسئلن جي حل لاءِ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي، امن قائم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي. ياد رهي ته ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي هئي جنهن ۾ 45 ڄڻا مارجي ويا هئا جنهن کانپوءِ جهڙپون تيز ٿي ويون.