21 نومبر تي لوئر ڪرم جي علائقن بگن ۽ اوچت ۾ 200 مسافر گاڏين جي قافلي تي ٿيل حملي ۾ 44 ڄڻن جي مارجي وڃڻ بعد ضلعي ڪرم ۾ حالتون ڇڪتاڻ واريون آھن.ٻنھي ڌرين ۾ جھڙپن جو سلسلو جاري آھي.اختيارين موجب شديد جھڙپن ۽ فائرنگ ۾ 76 ماڻھو مارجي ويا آھن.اھڙي ريت ھڪ ٻئي جي ڪاروباري ۽ زندگيءَ کي تباھ ڪرڻ جي ٻنھي پاسن کان ڪوشش ختم نھ ٿي سگھي آھي.جنھن ۾ ملڪيتن ۽ دڪانن کي باھ ڏئي ساڙڻ جو عمل بھ جاري رھيو آھي.جڏھن تھ جنگي صورتحال جي ڪري علائقي مان لڏپلاڻ جو سلسلو بھ جاري آھي.
خيبرپختونخواهه حڪومت جو چوڻ آهي ته هو ويڙھاڪ قبيلن ۾ جنگ بندي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي هدايت تي هڪ اعليٰ سطحي حڪومتي وفد قبائلي اڳواڻن ۽ مشيرن سان جرڳو ڪري رهيو آهي.معاملن کي خوشيءَ سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته شروع ۾ حڪومتي وفد شيعه اڳواڻن سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون ۽ مثبت ڳالهيون ٿيون ۽ هاڻي ايندڙ مرحلي ۾ اهلسنت جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ٿي رهيون آهن.ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت جي پهرين ترجيح ٻنهي ڌرين ۾ جنگ بندي قائم ڪري پائيدار امن قائم ڪرڻ آهي. ڪرم جي ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود موجب ڪرم ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قبائلي اڳواڻن کان مدد طلب ڪئي پئي وڃي.
بگن بازار کي سڙندي اکين سان ڏسندڙن جو چوڻ آھي تھ مارجي ويل 44 ڄڻن جي جنازي نماز جمعي جي نماز کانپوءِ سندن اباڻي علائقن ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ سُني اڪثريتي علائقي بان جي هڪ بازار ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ دڪانن سميت ملڪيتن کي باهه ڏني وئي. جنهن سبب علائقي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.
ڪرم پوليس جي هڪ اهلڪار جو چوڻ آھي تھ مارجي ويلن کي دفنائڻ کانپوءِ شيعا اڪثريت واري علائقي علي زئي مان طوري قبيلي پاران لشڪر ڪشي جي شروعات ٿي.جيڪي بگن پھتا ۽ نقصان ڪيو. لشڪر دڪانن ۽ پيٽرول پمپن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
مقامي صحافين موجب ڪرم ضلعي جي لوئر پارا چنار جي علائقي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي موبائيل انٽرنيٽ ۾ خلل آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي موبائيل نيٽ ورڪ ڪم نه ڪري رهيو آهي، جنهن سبب عوام کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪرم پوليس جي هڪ سينيئر آفيسر بي بي سي کي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته 7وڳي بگن بازار ۾ طوري لشڪر داخل ٿيو ،ملڪيتن کي ساڙيو.بگن بازار ۾ مقامي قبيلي ۽ طوري لشڪر جي وچ ۾ سخت جنگ ٿي.مقامي واپاري نصيب جان جو گهر باغن بازار جي ڀرسان آهي. کين 22 نومبر جي رات جو اطلاع مليو ته ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ ملڪيت کي باهه ڏني وئي آهي. جنهن جي خوف کان ماڻهو بازار ۾ پنهنجا دڪان بند ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا.هن جي مطابق، هجوم مارڪيٽ ڏانهن وڌي رهيو هو "انڌاڌنڌ فائرنگ” ڪري رھيو ھو۽ ملڪيت کي ساڙي رھيو ھو.’لشڪر‘ بگن بازار تي شام 7 وڳي ڌاري قبضو ڪيو هو. انهن کي ڪنهن به مزاحمت کي منهن نه ڏيڻو پيو.بگن بازار ۾ 2 سئو کان وڌيڪ دڪان آهن، سڀئي سڙي ويا آهن.
ان کان اڳ خميس ڏينهن پشاور کان پارا چنار ويندڙ 200 گاڏين جي قافلي تي لوئر ڪرم جي علائقي مندروي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نگراني ۾ پشاور کان پارا چنار ويندڙ بسن تي ڪيترن ئي هنڌن تي حملو ڪيو ويو.قافلو هڪ روڊ تي سفر ڪري رهيو هو جيڪو آڪٽوبر ۾ مسافر گاڏين تي حملي کانپوءِ بند ڪيو ويو هو ۽ تازو ئي ڪيترن ئي هفتن کان پوءِ ٽريفڪ لاءِ ٻيهر کوليو ويو هو.
ان حملي بعد شيعا تنظيم مجلس وحدت مسلمين سڄي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ھو، جمعي تي ڪراچي ۾ احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي جماعت جي اڳواڻن ڪرم ضلعي سميت خيبرپختونخواهه ۾ آپريشن جو مطالبو ڪيو. فائرنگ جو نشانو بڻيل قافلي جي مسافرن مان پير حسين شاهه بي بي سي کي ٻڌايو ته جڏهن قافلو پارا چنار جي حدن ۾ داخل ٿيو ته انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ٿي وئي.سعيده بانو پشاور ۾ ملازم آھي،جيڪا به ان قافلي ۾ شامل هئي.
هن بي بي سي کي ٻڌايو ته ”جڏهن پشاور کان پارا چنار جي حدن ۾ داخل ٿيس ته ان وقت مان پنهنجي گاڏيءَ مان ٻاهر نڪري ڪري سيڪيورٽي فورسز کي چيو ته قافلو وڏو آهي ۽ سيڪيورٽي اهلڪار گهٽ آهن، پر مون کي چيو ويو ته مان گاڏي ۾ ويهي رھان. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
هن چيو ته مان قافلي جي وچ ۾ هيس. پهرين لڳو تھ قافلي تي پٺيان کان فائرنگ شروع ٿي آھي. ان کانپوءِ مون محسوس ڪيو ته منهنجي سامهون به فائرنگ ٿي رهي هئي. ان موقعي تي، مون پنهنجن ٻارن کي ڪار جي سيٽ هيٺ ويھاري ڇڏيو. ڪيترن ئي منٽن تائين هر طرف کان فائرنگ ٿيندي رهي.
سيده بانو چيو ته کيس لڳو تھ ھوءَ اڄ ٻارن سميت قتل ٿي ويندي. پر قافلي جي وچ ۾ موجود گاڏين کي گهڻو نقصان نه پهتو. گاڏيون جيڪي شروع ۽ آخر ۾ هيون سي سڌو نشانو بڻيون. فائرنگ ختم ٿي ته مون ڏٺو ته هر طرف زخمي ۽ لاش پيل هئا. ڪو رڙيون ڪري رهيو هو ته ڪو مري چڪو ھو. ان موقعي تي ڪجهه ماڻهن زخمين جي مدد ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي.
خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف ڪرم ضلعي ۾ مسافر گاڏين تي حملي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته پهريان پوليس اهلڪارن تي حملا ڪيا ويا ۽ پوءِ مسافر قافلي کي ٻنهي طرفن کان نشانو بڻايو ويو.ھن چيو ته قافلي ۾ 200 گاڏيون شامل هيون.
بئريسٽر سيف چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊا پور واقعي جي سڌي ريت نگراني ڪري رهيو آهي، ضلعي انتظاميا، ڊي پي او، آر پي او سميت سمورا لاڳاپيل آفيسر واقعي واري هنڌ موجود آهن. واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گذريل هفتي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ صوبي ۾ دهشتگردي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ھو.
پاڪستان جي اتر اولهه سرحد تي ڪرم ضلعي جي جاگرافي ۽ آبادي ان کي منفرد بڻائي ٿي. هي پاڪستان جو واحد قبائلي ضلعو آهي جتي اڪثريتي آبادي شيعن جي آهي.پاڪستان جي نقشي ۾ ڪرم کي ڳوليو ته معلوم ٿيندو ته هي ضلعو ٽن طرفن کان افغانستان سان ۽ هڪ طرف پاڪستان سان ڳنڍيل آهي. ان جي جاگرافيائي بيهڪ سبب ڪرم کي ڪنهن زماني ۾ ’پيرٽس بيڪ‘ يعني ’طوطي جي چھنب ‘ جي نالي سان سڏبو ھو. افغانستان ۾ سوويت يونين خلاف جنگ دوران هن ضلعي جي اسٽريٽجڪ اهميت وڌي وئي ھئي.
ڪرم پاڪستان جي ڪنهن به شهر جي ڀيٽ ۾ افغانستان جي راڄڌاني ڪابل جي ويجهو آهي ۽ اهو پڻ افغانستان جي صوبن خوست، پڪتيا، لوگر ۽ ننگرهار جي سرحد سان لڳندڙ آهي، جيڪي شيعا مخالف انتهاپسند تنظيمن داعش ۽ تحريڪ طالبان جا مضبوط قلعا آهن.
پارا چنار باقي پاڪستان سان صرف هڪ روڊ سان ڳنڍيل آهي جيڪو لوئر ڪرم ۾ سني اڪثريت واري علائقي صدھ مان لنگهي ٿو.’ڪرم‘ لفظ ڪرم نديءَ سان منسوب آهي، جيڪو ضلعي مان وهندي آهي. هي ضلعو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي يعني اپر ڪرم، سينٽرل ۽ لوئر ڪرم. هن علائقي کي افغانستان کان ڪوه سفيد جو بلند جابلو سلسلو جداڪري ٿو.جيڪو لڳ ڀڳ سڄو سال برف سان ڍڪيل هوندو آهي.