جي يو آءِ جي پاڻي ڪانفرنس ۽ سنڌ جو زرعي جياپو۔۔۔۔۔

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

جي يو آءِ سنڌ جي قيادت گذريل مهيني کان پاڻي ڪانفرنس جيڪا پڻ سنڌو درياھ تي جبرن نڪرندڙ 6 ڪئنالن متعلق هئي جا دعوت ناما ورهايا پئي.سنڌ جي قومپرست ڌرين کان ويندي مختلف سياسي،سماجي توڙي مذھبي حلقن کان سواءِ سنڌ ۾ حڪمران ڌر کي به ڏنا.جنهن ۾ وڏي وزير شرڪت ڪري سنڌ جي عوامي،زرعي ۽ صوبائي حقن تي لڳندڙ ڌاڙي بابت جيڪي خدشا ظاهر ڪيا سي پڻ ڄڻ ته جي يو آء سنڏ جي موقف جي عڪاسي ڪن پيا.ان ڪري اڄ اسان سنڌ سان ٿيندڙ زيادتي کي رد ڪيون ٿا.سنڌ پنهنجو صوبائي، زرعي، قانوني، آئيني ۽ علائقائي توڙي بين الاقوامي حق رکي ٿي ته پوءِ پنجاب ۽ وفاق کي به اهڙن اهم ۽ نازڪ مسئلن تي ٻين صوبن کان مشورو وٺي قدم کڻڻ گهرجي.

پاڪستان جو پاڻي سسٽم اڳ ۾ ئي هڪ پيچيده آهي، جنهن ۾ پاڻي جي ورڇ 1991 جي پاڻي ٺاهه تحت طئي ٿيل آهي.  ان معاهدي موجب هر صوبي کي ان جي حصي مطابق پاڻي ڏنو ويندو.جڏهن ته اضافي واهن جي اڏاوت کان پوءِ سنڌوءَ جي علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ نظر اچي رهي آهي.سنڌ جي عوام جي دعويٰ آهي ته انهن واهن ذريعي سنڌ جو پاڻي ٻين علائقن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي،جيڪو معاهدي جي سراسر ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچي ٿو.

ان عمل سان  زراعت تي هيٺيان خراب اثر پڻ پوندا.جيڪي هن ريت آھن.جن بابت سنڌ جي عوام کي خدشا آھن.

سنڌ جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي،جنهن  لاءِ پاڻي بنيادي ضرورت آهي.اضافي واهن سبب سنڌ جا درياهه وارا علائقا پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهن،جنهن ڪري فصلن جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي.  خاص طور تي ڪپهه، ڪڻڪ ۽ چانور جهڙن اهم فصلن جي پيداوار تمام گهڻي گهٽجڻ جا چٽا امڪان آهن.ان کان سواءِ  لڪيرن جي زمينن تي قبضي سبب زرعي زمينون بنجر ٿي رهيون آهن.

اضافي واهن جو هڪ ٻيو نقصان اهو آهي ته اهي ماحولياتي نظام کي سخت نقصان پهچائين ٿا.انڊس ڊيلٽا، نه رڳو زراعت  لاءِ پر جهنگلي جيوت  لاءِ به هڪ اهم آبادي، پاڻي جي کوٽ سبب سڪي رهيو آهي.ڊيلٽا جي تباهي سان گڏ مڇين ۽ ٻين آبي زندگين کي به خطرو آهي.

سنڌو درياهه تي اضافي واهن جي اڏاوت هڪ حساس مسئلو آهي،جيڪو نه رڳو سنڌ پر سڄي پاڪستان جي معيشت ۽ ماحولياتي نظام کي متاثر ڪري رهيو آهي.ان سلسلي ۾ حڪومت کي تڪڙا ۽ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن عوام ۾ ناراضگي گهٽجي ۽ سنڌ جي زرعي ۽ ماحولياتي وسيلن کي محفوظ ڪري سگهجي.

سنڌ جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي،جنهن  لاءِ پاڻي بنيادي ضرورت آهي.اضافي واهن سبب سنڌ جا درياهه وارا علائقا پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهن،جنهن ڪري فصلن جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي.  خاص طور تي ڪپهه، ڪڻڪ ۽ چانور جهڙن اهم فصلن جي پيداوار تمام گهڻي گهٽجي رهي آهي.

گذريل ڪجھه سالن کان ملڪ ۾ ٺھندڙ وفاقي حڪومتن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان  سان صوبائي سطح تي عوامي،صوبائي ۽ آئيني حقن جي لتاڙ ڪنديون رهيون آھن.خاص طور سنڌ جي صوبائي ۽ عوامي توڙي ادارتي معاملن تي ڳالهجي ته ڪافي ڳالهيون پيش ڪري سگهجن ٿيون.مثال جي طور تي ميان محمد نواز شريف جي حڪومت 2013 کان 2016 جي درميان احتساب جي نالي تي جيڪي نيب کان ڇاپا هڻائي ڪرپشن جي خاتمي  لاءِ ڪوششون ورتيون  سواءِ امن و امان واري معاملي جي سو به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جو ماڻھون جڏهن متاثر ٿيو تڏهن ايڪشن کڄيو.باقي مجموعي طور ماضي قريب جي نواز ليگ حڪومت ۽ عمران حڪومت  سواءِ پنهنجي هڪ هٽي کي محسوس ڪرائڻ جي ٻيو ڪو ڪم ڪونه ٿيو، سواءِ وفاقي دٻدٻي جي ۽ سياسي انتقام جي ٻيو ڪو ڪونه ٿيو.جيڪڏهن ايئن ٿيو هجي ته اهو ريڪارڊ ڏيو جيڪو ڪرپشن کي ڪنٽرول ڪري ڦٻايل پئسو واپس ڪيو هجي. هن وقت به سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جون زرعي زمينون پرائيويٽ ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن جيڪي لکين ايڪڙ آھن.سنڌو درياھ تي پاڻي تي ٿيندڙ ڌاڙو 6ڪئنال ڪڍڻ ڪٿان جو انصاف آھي.؟ ان ڪري صوبائي حڪومتون 18 ترميم کان پوءِ صوبائي کاتن ۾ خاص طور تڏهن جڏهن وفاق ۾ سندس سياسي مخالف جي حڪومت هجي ان جي اجاين مداخلتن سبب صوبائي کاتن ۾ مداخلت برداشت نه ڪرڻ کپي.اهڙي نموني سنڌ جي زرعي زمينن ۽ درياهي پاڻي تي ٿيندڙ ڌاڙي کي سنڌ جو عوام ۽ سياسي قيادتون جيڪي خدشا ظاهر ڪن پيون سي پڻ سو سيڪڙو درست ۽ عوامي بنيادن تي آھن.وفاقي حڪومت کي کپي ته سنڌ جي مٿي بيان ڪيل ڳالهين ۽ عوامي اعتراضن کي مد نظر رکي سنڌو درياهه تي ٺھندڙ ڪئنالن واري خدشن کي سامهون رکي فوري طور ڪم بند ڪرائڻ کپي.ٻي صورت ۾ وفاقي جي ايڪاين جي عدم اعتماد ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏيڻ جو ڪم ڪري ٿو.ان ڪري سنڌ جي صوبائي حقن تي ٿيندڙ پنجاب حڪومت جون زيادتيون سامهون رکي وفاقي حڪومت کي خدشن جو حل ڳولڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.