چند ڏينهن اڳ سلامتي ڪائونسل جي ڏهن غيرمستقل ميمبرن جاپان، مالٽا، الجزائر، ايڪواڊور، گيانا، موزمبيق، سراليون، سلوينيا، ڏکڻ ڪوريا ۽ سوئٽزرلينڊ غزه ۾ جنگبندي لاءِ هڪ قرارداد 20 نومبر واري اجلاس ۾ پيش ڪئي۔قرارداد ۾ تيرنهن مهينن کان هلندڙ جنگ کي فوري،غيرمشروط ۽ مستقل بنيادن تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو۔15ميمبرن مان 14 ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو پر سلامتي ڪائونسل ۾ امريڪي نمائندي رابرٽ ووڊ قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو۔هڪ طرف آمريڪا جنگبندي جي مخالفت ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف اسرائيل کي خطرناڪ هٿيارن جي فراهمي به جاري آهي۔دفاعي سازوسامان ۾ اسرائيل جي 69 في سيڪڙو ضرورت آمريڪا پوري ڪري رهيو آهي۔
اسرائيل دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن کي آمريڪا ايف 35 ويڙهاڪ جهاز وڪرو ڪيا آهن هي معاهدو 75 جهازن جو هيو جنهن مان 36 اسرائيل کي ملي چڪا آهن۔هي چوٿون ڀيرو واشنگٽن جنگبندي جي قرارداد کي ويٽو ڪري رهيو آهي۔7آڪٽوبر2023 کان شروع ٿيل هن جنگ ۾ بين الاقوامي خابرو ادارن جي رپورٽن موجب 43960 فلسطيني اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿي چڪا آهن۔17هزار چارسئو کان وڌيڪ ٻارڙا اجل جو شڪار ۽ هزارين لاپتا آهن۔هڪ خبر موجب غزه ۾ هر ٽيهن منٽن ۾ هڪ ٻار اسرائيلي بمباري ۾ موت جو شڪار ٿئي ٿو۔اقوام متحده غزه کي هزارين ٻارن جو قبرستان قرار ڏنو آهي۔
الجزيره پنهنجي هڪ ڇرڪائيندڙ رپورٽ ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارن جون عمريون به ٻڌايون آهن۔امڙ جي هنج ۾ شهيد ٿيندڙ کيرپياڪ ٻارڙن جو تعداد710,هڪ سال کان ٽن سالن تائين جي ٻارڙن جو تعداد 1793,چئن کان پنجن سالن جي عمر جا1205, 6کان 12 سالن جي عمر جا4205 ۽ 13 کان 17 سالن جي عمر جا3442ٻارڙا شهيد ڪيا ويا آهن۔رپورٽ ۾ وڌيڪ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ روزانو ڏهن ٻارن جون ٽنگون ضايع ٿي رهيون آهن،جڏهن ته 17هزارن کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا يتيم ٿيا آهن۔هڪ لک ٽي هزار 740 ماڻهو زخمي آهن۔
عرب ميڊيا الجزيره جي هڪ رپورٽ موجب فقط هڪ ڏينهن يعني گذريل آچر تي غزه جي اترين رهائشي علائقن ۾ اسرائيلي بمباري ۾ 96 فلسطيني شهيد ٿيا جنهن ۾ 20سيڪڙو ٻار شامل آهن ۽ 30 کن تباه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺان دٻيل آهن۔23لکن جي آبادي مان اڪثر بي گهر ٿي چڪا آهن۔غزه ۾ فلسطينين جي خوفناڪ نسل ڪشي جاري آهي۔دنيا جي وڏين وڏين جنگين ۾ به ماڻهن جو ۽ انهن جي گهرن جو ايترو تباهه ڪن حال تاريخ ۾ نظر نه ايندو جيترو غزه ۾ نظر اچي ٿو۔ اسپتالون،ڊاڪٽر،دوائون پهچائيندڙ امدادي ادارن ۽ پناهگير ڪئمپن تي بمباري ڪري انهن کي تباه ڪيو پيو وڃي۔جنگي ڏوهن جي مرتڪب اسرائيل کي گڏيل قومن جو ادارو به لغام ڏئي ڪونه سگهيو آهي۔
سلامتي ڪائونسل جا اجلاس ۽ سيڪريٽري جنرل جون اپيلون سڀ بي سود ثابت ٿيون۔اقوام متحده اپيل ڪئي آهي ته غزه ۾ پنجاهه هزار کان وڌيڪ زخمي ٻارن جي علاج ۾ مدد ڪئي وڃي۔اداري چيو آهي ته پنجاه هزار کان وڌيڪ ٻار سخت غذائي کوٽ جو شڪار آهن،پنجن سالن کان گهٽ عمر جا 346000ٻارڙا ۽ 160000حامله ۽ کير پيارڻ واريون عورتون پڻ خوراڪ جي ڪمي جو شڪار آهن۔معصوم فلسطينين جو قتلام ڏينهن رات جاري آهي۔ٻئي طرف لبنان آهي جنهن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي رپورٽ آهي ته لبنان تي ٿيل اسرائيلي حملن ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ ٻارڙا اجل جو شڪار ٿيا آهن۔روزانو ٽي ٻار اسرائيلي بارود جو بک بڻيا آهن۔لبنان جي وزارت صحت موجب 8آڪٽوبر 2023 کان حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ ٿيندڙ گولاباري ۾ 3516 ماڻهو شهيد ٿيا آهن۔تل ابيب ۾ امريڪي سفارتخاني ٻاهران ته سوين يهودي سخت احتجاج ڪري رهيا آهن ته اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪئي وڃي پر افسوس جو مقام آهي ته ايتري اندوهناڪ ظلم کي ڏسندي به مسلم دنيا جا امير ترين ملڪ اسرائيل ۽ امريڪا سان پنهنجن سفارتي ۽ واپاري لاڳاپن تي غور ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن۔ غزه تباهي جي هڪ ڇرڪائيندڙ تصوير ۽ مهذب دنيا لاءِ هڪ سوال بڻيل آهي۔