لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه جي سڏ تي ايس يو پي طرفان موھن جي دڙي کان قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو تائين پيادل مارچ ڪيو ويو.
مارچ جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ احمد علي تنيو، صدرالدين ڀٽي، خادم حسين گهانگهرو، منظور علي شيخ ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته ان ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪري سنڌو درياهه جي قبضو نامنظور جا نعرا هنيا.
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي اڳ ئي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، مٿان وري ڪينال ٺاهڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، جنهن سان سنڌ مڪمل طور بنجر بڻجي ويندي.
هنن چيو ته صدر آصف زرداري ۽ ن ليگ گڏجي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي آهي، جيڪا غير آئيني آهي، گرين پاڪستان جي نالي تي ملڪ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ تحت مختلف ڪمپنين کي ڏيڻ سان ٻهراڙين جا لکين ماڻهو بي گهر ٿيندا.
سندن چوڻ هو ته اهڙي منصوبي سان پاڻي جي کوٽ وڌي ويندي، زراعت تباھه ٿيندي، اسان ڪهڙي به صورت ۾ سنڌو تي قبضو قبول نه ڪنداسين.
You might also like