پوليس جو پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون، 500 جي لڳ ڀڳ اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي احتجاج کي ڏسندي پوليس جو پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن سميت 500 جي لڳ ڀڳ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
اسلام آباد پوليس 300 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو آهي، جڏهن ته ڊيرا غازي خان مان 85 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر عامر ڊوگر، زين قريشي ۽ معين رياض کي ملتان مان حراست ۾ ورتو ويو، پي ٽي آءِ جا ٽئي اڳواڻ احتجاج ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد وڃي رهيا هئا، ٽنهي کي نظربند ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن چيچه وطني مان ايم اين اي راءِ حسن نواز کي به گرفتار ڪيو ويو، اڳوڻي ناظم راڻا مبشر ۽ اڳوڻي بار سيڪريٽري رانا جواد کي به گرفتار ڪيو ويو، فيصل آباد ۾ ايم پي اي بشارت ڊوگر سميت ٻن بسن ۾ سوار پي ٽي آءِ جي 32 ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو.
تحريڪ انصاف اڳواڻن دعويٰ ڪئي آهي ته پڪڙيل ڪارڪنن جو انگ 490 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن مان 100 کان وڌيڪ ڪارڪن گم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.