شان مسعود برطانوي ايئرپورٽ تي ڦاسي پيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود لنڊن جي گيٽ وڪ هوائي اڏي ڦاسي پيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ شان مسعود ٻڌايو ته هو گذريل 12 ڪلاڪن کان لنڊن جي گيٽ وڪ ايئرپورٽ تي ڦاٿل رهيو.
شان مسعود چيو ته هو سيڪيورٽي مسئلن کان واقف آهي پر گيٽ وڪ ايئرپورٽ ۽ برٽس ايئرويز جو رويو مايوس ڪندڙ هو.
قومي ڪپتان شان مسعود چيو ته هو پنهنجي سامان جي چيڪنگ يا پنهنجي سفر کي ٻيهر ترتيب نٿو ڏئي سگهي.
واضح رهي ته ڪپتان شان مسعود جو گلوبل سپر ليگ ٽي ٽوئنٽي لاءِ هيمشائر ڪرڪيٽ سان معاهدو طئي ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.