ٽي ٽين ليگ: حضرت بلال جي تڪراري نوبال تي مداحن کي عامر ياد اچي ويو، سوال اُٿڻ لڳا

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب رياستن (يو اي اي ) جي فاسٽ بالر حضرف بلال جي تڪراري نوبال تي سوال اُٿڻ لڳا.
ابوظهبي ۾ جاري ٽي ٽين ليگ ۾ يو اي اي جي مقامي بالر حضرف بلال، سامپ آرمي جي نمائندگي ڪندي نيويارڪ اسٽرائيڪرز خلاف نو بال ڪيو، جنهن ڏسندڙن کي 2010ع ۾ اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر طرفان هلايل نوبال ياد ڏياري ڇڏيو.
فرنٽ فٽ ڪريز کان گهڻو اڳتي ڪيل نوبال تي ڪامينٽيٽر به دنگ رهجي ويا، ان نوبال جي نتيجي ۾ ملندڙ فري هٽ تي بالر کي ڇڪو پڻ لڳو.
بلال جي نوبال جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ شوقين ان کي محمد عامر کان وڏو نوبال قرار ڏئي مختلف سوال اُٿاري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.