اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اين سي بي انٽرپول 11 سالن کان گهربل اشتهاري کي اسپين مان پاڪستان پهچڻ تي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول ۽ اميگريشن گڏيل ڪارروائي 11 سالن کان گهربل اشتهاري کي پاڪستان پهچڻ تي گرفتار ڪيو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب انساني سمگلنگ جي ڪيس ۾ گهربل اشتهاري محمد وسيم کي اسپين کان اسلام آباد پهچڻ تي گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان چيو ته ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو هو، جوابدار جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل هو ۽ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل گجرات کي گهربل هو.
ترجمان موجب جوابدار خلاف 2013 ۾ ڪيس داخل ٿيو هو، جنهن کانپوءِ هو فرار ٿي ويو هو.
You might also like