لاهور (ويب ڊيسڪ) شارجا مان قيمتي موبائل فونز سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، مسافرن وٽان 97 موبائلون برآمد ٿيون.
علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور تي ڪسٽمز ڪارروائي ڪندي شارجا کان لاهور سمگل ڪئي ويندڙ 97 قيمتي موبائل فونز برآمد ڪري ورتيون.
ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو، برآمد نان پي ٽي اي فونز جي ماليت 3 ڪروڙن کان وڌيڪ آهي.
You might also like