اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته حڪومت احتجاج ڪندڙن کي ڌوٻي گهاٽ جيان ڌوئڻ لاءِ تيار بيٺي آهي.
ايڪس تي بيان جاري ڪندي فيصل واوڊا چيو ته مان چيو هو پي ٽي آءِ باني جي سياسي قبر ان جا پنهنجا ئي کوٽيندا، ائين ئي ٿيو.
هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ 24 نومبر تي جيڪو اسلام آباد آيو، توهين عدالت تحت ايم اين اي، ايم پي اي جي سيٽ وڃائڻي پوندي، هائوس اريسٽ يا وري مڇ جيل واري ڳالهه نه وسارجو، جن جي آزادي ٿي انهن جي گرفتاري به ٿي سگهي ٿي، پوءِ ميار نه ڏجو.
Next Post
You might also like