190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

راولپنڊي (م ڊ) احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. جج ناصر جاويد رانا 8 ٻڌڻين ۾ غير حاضري تي بشرا بي بي جا وارنٽ جاري ڪيا. بشرا بي بي جي وڪيل طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، نيب جي وڪيل اعتراض اٿاريندي چيو ته بشرا بي بي جو ميڊيڪل ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور جو آهي جڏهن ته تصديق اسلام آباد جي آهي، جوابدارن 342 جو بيان به جمع ناهي ڪرايو. عدالت نيب کي هدايت ڪئي ته بشرا بي بي کي 26 نومبر تي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي ۽ بشرا بي بي جي ضامن کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.