بشريٰ سعودي جو نالو نه کنيو، بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان سعودي عرب بابت بشريٰ بي بي جي بيان تي چيو آهي ته سندس زال جي بيان کي  ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي، سماجي رابطن واري سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 24 نومبر غلاميءَ مان آزاديءَ جو ڏينهن آهي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، آئين جي پاسداري ۽ انساني حق معطل آهن، جنهن سبب پوري قوم کي ٻاهر نڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ اڻٽر ٿي ويو آهي، عمران خان چيو ته منهنجا سعودي عرب سان مثالي لاڳاپا آهن، جڏهن مون کي وزيرآباد ۾ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو ته مون کي پهريون فون سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو آيو هو، اسان جي دور ۾ شهزادي محمد بن سلمان به پاڪستان جو تاريخي دورو ڪيو، هن چيو ته بشريٰ بي بي جي بيان کي ٽوڙي قوم جو ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش نه ڪئي وڃي،  هن سعودي عرب جو نالو نه ورتو،  اسان جي حڪومت خلاف سمورين سازشن ۾ جنرل باجوه ملوث هو، مون ڪوشش ڪئي ته ان سازش جي چيف جسٽس ۽ جنرل طارق خان کان جاچ ڪرائي وڃي پر جنرل باجوه ان جي اجازت نه ڏني، شفاف جاچ ٿئي ها ته سچ سامهون اچي ها، عمران خان چيو ته بشريٰ بي بي جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، هڪ زال جي حيثيت سان هن احتجاج جي سڏ تي قوم کي منهنجو پيغام پهچايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.