ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي عدالتي رپورٽنگ تي پابندي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت صحافين کي کليل عدالت ۾ رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ عدالتي رپورٽنگ تي پابندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پيمرا جي فيصلي خلاف صحافين جي درخواست منظور ڪندي عدالتي رپورٽنگ تي پابندي بابت پيمرا جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، ڪورٽ رپورٽر شاهد حسين ۽ ٻين جي درخواست تي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي رپورٽرن کي به عدالتي رپورٽنگ ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ڪجهه ريمارڪس يا آبزرويشن جي ڇپجڻ سان عدليه بابت غلط تاثر پيدا ٿئي ٿو.