ڪراچي( رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان الڪريم چوڌري تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضي’ جتوئي ۽ سندس ڀاء مسرور احمد جتوئي تي عدالتي حڪمن باوجود ڪيس داخل ڪرڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي عدالت نوشهرو فيروز جي ايس ايس پي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏياآهن . عدالت ڌرين کان 29 نومبر تائين جواب به طلب ڪندي غلام مرتضي’ جتوئي ۽ مسرور احمد جتوئي خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيوآهي , عدالت پاران غلام مرتضي’ جتوئي سميت خاندان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان پهريان عدالت کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي, درخواست گذار جي وڪيل وڌيڪ چيو ته مارچ ۾ عدالت مرتضي جتوئي ۽ سندس خاندان جي خلاف عدالت جي اجازت جي بغير ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو .