ٽرانسپورٽ کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آھن، ٽرانسپورٽ  کاتي جي زمينون خالي ڪرائيڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي بورڊ جو 12ھون اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز چيما ۽ ٻين بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير  ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ  ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي بورڊ جي 12ھين اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ  جو فيصلو ٿيو ھو، ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينن تان غير قانوني قبضا جلد کان جلد ختم ڪرائڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اُن سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي مدد حاصل ڪئي وڃي. ھن چيو ته جن زمينن تي سرڪاري ادارن جون آفيسون ٺھيل آھن، اُنھن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن، نوٽيسن تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان ڳالھھ ٻولھ ڪئي وڃي. سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ جي اجلاس ۾ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ جي 12 ھين اجلاس جي منٽس، سنڌ ماس ٽرانزٽ  اٿارٽي جي بورڊ جي سيڪريٽري جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي. عبدالستار ايڌي اورنج لائن بي آر ٽي پروجيڪٽ مينيجمينٽ يونٽ جي ڪانٽريڪٽ ملازمن جي ڪانٽريڪٽ  ۾ واڌ جي به منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپيمنٽ جي نمائندي پاران پروجيڪٽ مينيجمينٽ يونٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پرويز جمالي جي مستقل مقرري جي سفارش ڪئي وئي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو مقصد عوام کي مھانگائي جي ھن زماني ۾ رليف ڏيڻ آھي، سنڌ سرڪار ٻين شھرن ۾ بسون ھلائڻ جو ارادو رکي ٿي، بسون ھلائڻ جا خواھشمند اسٽيڪ ھولڊرز پيپلز بس سروس ۾ سيڙپڪاري ڪن، سنڌ سرڪار سندن حوصلا افزائي ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.