پشاور (م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير دهشتگردن جي نيٽورڪ کي ختم ڪرڻ ۽ قومي سلامتيءَ کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن جون پاڙون پٽڻ جو عزم ورجايو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور ڇانوڻيءَ جو دورو ڪيو جتي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس آڌرڀاءُ ڪيو، آرمي چيف کي موجودا سيڪيورٽي صورتحال ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري آپريشنز جي اڳڀرائي تي گڏيل بريفنگ ڏني ويئي، ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ فيلڊ ڪمانڊرز پڻ موجود هئا، آرمي چيف مادرِ وطن جي دفاع لاءِ جوانن جي بيمثال قربانين کي ساراهيو، شهيدن ۽ غازين کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي، آرمي چيف دشمنن، دهشتگردن جي نيٽورڪ کي ختم ڪرڻ ۽ قومي سلامتيءَ کي نقصان پهچائيندڙ غيرقانوني عنصرن جون پاڙون پٽڻ جو عزم ورجايو ۽ چيو ته جوانن جي قربانيون اسان جي قومي عزم جون بنياد آهن، قربانيون هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جذبي ۽ لڳاءُ کي تحريڪ ڏين ٿيون، هن وڌيڪ چيو ته دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ پهرين ترجيح آهي، فوج قانو لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ امن دشمنن جو پيڇو ڪندي.