اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ حالتون مختلف آهن پر ڪي پي ڪي ۾ آپريشن ٿيڻ گهرجي، خيبرپختونخواهه حڪومت پاران عمل نه ڪرڻ دهشتگردن کي امداد ڏيڻ جي برابر آهي، افغانستان ۽ ٻيون قوتون دهشتگردي ۾ ملوث آهن، بشريٰ بي بي جا سعودي عرب تي لڳايل الزام شرمناڪ آهن، سياست کي بچائڻ لاءِ دوست ملڪ تي الزام انتهائي نفرت جوڳا آهن، بشريٰ بي بي سياست جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ تڪراري بيان ڏنو، پي ٽي آءِ قيادت پاران به مذهبي ڏڦيڙ جو مظاهرو ڪيو ويو، هي ماڻهو پاڻ کي مذهب جا محافظ سمجهن ٿا، بشريٰ بيبي پاڻ کي شريعت چئي رهي آهي، جيڪڏهن اها شريعت آهي ته الله حافظ، بشريٰ بيبي به مذهب جي توهين ڪئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڪو به فرق ناهي، ٻئي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، ان کانسواءِ عمران خان جو سياسي جنم به نه ٿي سگهي ها، اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت بابت سوال تي بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن اهڙي پارٽي جو نالو ٻڌايو جنهن هن نظام مان فائدو نه ورتو هجي.