وي پي اين تي پابندي: بابت گهرو سيڪريٽري ۽ پي ٽي اي کي نوٽيس

اسلام آباد (م ڊ) وي پي اين تي پابندي بابت درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري ۽ پي ٽي اي کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس عامر فاروق شهري مبشر قيوم جي وي پي اين جي بندش خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست  گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته وفاقي حڪومت جي وي پي اين تي پابندي واري فيصلي جو سڌي ريت متاثر شهري آهيان، سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي مڪمل پابندي آهي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته گهرو وزارت جو 15 نومبر جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ نوٽيفڪيشن کي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو وڃي. عدالت پي ٽي اي ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.