پشاور(م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو ٿي ويو ۽ ججز ٻڌڻي اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا، پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارشد علي ۽ جسٽس وقار احمد پي ٽي آءِ جي احتجاج خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ججن ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ويو ته صوبائي حڪومت سرڪاري مشينري اسلام آباد کڻي ويندي آهي، ڇا صوبائي حڪومت مشينري استعمال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته هي ڪوڙو بيان آهي، حڪومت ڪا به هدايت ناهي ڏني، درخواست رد ڪئي وڃي.جسٽس شڪيل احمد رمارڪس ڏنا ته اهڙو احتجاج نه ٿيڻ گهرجي جنهن سان رستا بند هجن ۽ ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نه پوي، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته وفاقي حڪومت 800 ڪنٽينر لڳائي ڇڏيا آهن، شهري حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، جسٽس ارشد علي رمارڪس ڏنا ته ماڻهو صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت ٻنهي کان بيزار آهن، ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته آئين مون کي ريلي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو، رٽ درخواست ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي داخل ڪئي وئي.ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيلن ۽ ايڊووڪيٽ جنرل وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي وئي، جنهن تي پشاور هاءِ ڪورٽ جا جج احتجاج ڪندي اٿي هليا ويا ۽ ٻڌڻي اڌ ۾ رهجي وئي.