جسٽس عائشا ملڪ ۽ جسٽس نعيم اختر افغان آئيني بينچ جو حصو نه هوندا

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ انتظامي ڪميٽي ايندڙ عدالتي هفتي جو ججن جو روسٽر جاري ڪري ڇڏيو،  جسٽس عائشا ملڪ ۽ جسٽس نعيم اختر افغان ايندڙ هفتي آئيني بينچ جو حصو نه هوندا. ايندڙ هفتي آئيني بينچ 5 ججن تي ٻڌل هوندي جڏهن جسٽس عائشا ملڪ اڱاري کان سپريم ڪورٽ ۾ معمول جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي. روسٽر موجب جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني آئيني بينچ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي، بينچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هوندا. ايندڙ هفتي جي ڪاز لسٽ موجب 27 نومبر لاءِ پاناما پيپرز اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جماعت اسلامي جي داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي. شاگرد يونين تي پابندي خلاف ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جي حق لاءِ داخل درخواست به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.